اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسپيڪر ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي فورمز تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي عزم کي ??ُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪشمير جي موقعي تي جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آهي جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پ??هنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي ??دترين رياستي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻ??يو وڃي پيو. هن چيو ته والاريل ڪشم??ر ۾ بيگناهه ڪشميري نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير ??ي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان بڻ??ئي رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاريل ڪشم??ر ۾ سَوين عورتن جي عصمت زري ۽ ڪشميري نوجوانن کي ??يلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻ??ي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والايل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي ??بديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير ??ي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻ??يو ويو آهي. اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي ??راجِ عقيدت پ??ش ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪشمير تحريڪ جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي ??راجِ عقيدت پ??ش ڪندي چيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آهن ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪشمير مسئلن کي ??ل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي ??المي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.
ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ضروري آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : گرم گرم