اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي ??روغ ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان کي ??يڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو ب??يادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کي ??ضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ظهور احمد سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي شاهيره شاهد کي اطلاعات جي سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽريٽ گروپ جي سينيئر آفيسر اڳوڻي سيڪريٽري ظهور احمد جي اطلاعات واري وزارت جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وزارت جي ڪارڪردگي، ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي مثبت اميج کي ??روغ ڏيڻ ۾ وزارت جي ڪردار سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجن ۽ موقعن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا انڊسٽري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. مرتضيٰ سولنگي چيو ت?? وفاقي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻو سيڪريٽري ظهور احمد قابل آفيسر آهن، انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ت?? حڪومت متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ت?? اڄ اسان کي ??يڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. ٽيڪنالاجي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو ب??يادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کي ??ضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ت?? اسان کي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص، پنهنجي ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڪاميابين کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ت?? ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جو تحفظ اسان جو پختو عزم آهي. هن چيو ت?? اطلاعات ۽ نشريات جو شعبو پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena