اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي، ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي ملڪ ۾ بي بي فارمولا کير ۽ ان سان لاڳاپيل مصنوعات جي پيداوار ۽ وڪري کي جامع ڪرڻ ۽ ن??جوان مائرن ۾ ان جي محفوظ استعمال بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ذيلي اداري پي ايس ڪيو سي اي جو ڪم درآمدي کير جي معيار کي چيڪ ڪرڻ آهي، کير ??اهيندڙ ادارن جا پنهنجا قاعدا ۽ ضابطا آهن، حقيقت ۾ پاڪستان ۾ فارمولا کير تمام گهٽ پئماني تي تيار ڪيو وڃي ٿو، اسان درآمدي کير تي ٽي ڪروڙ 40 لک ڊالر خرچ ڪريون ٿا، 1500 ٽن فارمولا ملڪ درآمد ڪريون ٿا، ڪجهه حالتن ۾ ماءُ اهو کير ??ٿي پياري سگهي، ڪيترين ئي صورتن ۾ ٻارن کي فارمولا کير ??يارڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي هوندو، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سگريٽ سميت صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جي گهڻائي آهي، اسان جو مُلڪ کير ??يدا ڪندڙ ملڪن ۾ چو??ين نمبر تي آهي، معاشري ۾ ماءُ جو کير ??يارڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ڊاڪٽر مهر تاج روغاني، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور، سينيٽر فوزيه ارشد ۽ سينيٽر علي ظفر پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.
ڪجهه سببن جي ڪري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : sorteios quina