اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ت??ڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيرسگالي ملاقات ڪئي. سفير وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبا??ڪب??د ڏني ۽ ت??ڪيه جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب ارد??ان پاران مبا??ڪب??د واري ٽيليفون ڪال ۽ مبا??ڪب??د جي پيغام کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ت??ڪيه جي وچ ۾ مثالي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ڌرين کي واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ هن ڪان ففٿ جنر??شن جي ويڙهاڪ جهاز جي ڪامياب اڏام تي ترڪيه کي مبا??ڪب??د ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪيه بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ڪندا رهندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ارد??ان جي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان دوري جي منتظر آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآرڊين??شن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران وسيع مشاورت ڪرڻ جو هڪ مفيد موقعو فراهم ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania