اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. صدر 15 رمضان المبارڪ اسلامي تعاون تنظيم جي يتم??ن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٻارن جي لاءِ ??يو??ن صدر ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو. افطار ڊنر جي تقريب ۾ ملڪ جي مختلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. صدر چيو ته گلن جهڙن ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. تقريب ۾ آصف?? ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. هن پاڪستان جي مختلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي پاڪستان آرفن ڪيئر فورم جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) فاروق حبيب پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آرفن ڪيئر فورم يتيم ٻارن جي بهترين پرورش ۽ نگهداشت جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صحتمند معاشرا ڪمزور طبقن خاص طور تي يتيم ٻارن جي واڌويجهه ۽ تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ 46 لک جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار آهن، ??يو??ن صدر ۾ ٻارن کي گهرائڻ سان انهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ حوصلا افزائي ٿيندي.
صوبائي حڪومتون يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے