اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته فل??طي?? ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ان جي باوجود غزه جي عوام تي اسرائيل جي مڙهيل جنگ بن?? روڪ ٽوڪ جاري آهي، فل??طي??ي عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل تي زور ڀرين ته هو فل??طي??ي عوام جو قتل عام بن??، غيرانساني گهيراءُ ختم ۽ غزه جي سمورن حصن ۾ انساني امداد جي اجازت ڏي. هن چيو ته عالمي برادري کي فل??طي?? مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب القدس الشريف جي گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ فل??طي??ي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي.
فلسطيني عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی