اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هز??ر فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان ان معاملي تي ??و آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ فلسطين مسئلي تي پنهنجي پاليسي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هز??ر فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. پاڪستان ان معاملي تي ??و آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. عمان ۾ پڻ 65 ملڪن جي اجلاس ۾ اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ جي لاءِ آواز اٿاريو، هيستائين فلسطينين جي لاءِ امدادي سامان جون 9 کيپون موڪلي چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، جنگي ڏوهه ڪرڻ تي ??سرائيل جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ پڻ ان مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو. پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل بيت المقدس جي گادي واري شهر سان گڏ آزاد فلسطيني رياست جو حامي آهي. هن چيو ته انگلينڊ جي ڪجهه تنظيمن غزه ۾ ميڊيڪل جي شاگردن جي مسئلن کان اسان کي ??گاهه ڪيو جنهن تي ??سان پي ايم ڊي سي کي فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جي طبي تعليم ڏيڻ بابت لکيو هو. پي ايم ڊي سي پرڏيهي وزارت جي موقف تي فلسطيني شاگردن کي پنهنجي انتظام هيٺ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر