اسلام آ??اد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ينگ پارليامينٽرينز جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ق??مي اسيمبلي ميمبرن راجا اسامه سرور، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، اح??د عتيق انور، نوشين افتخار، راڻا ارادت شريف خان، مح??د عثمان اويسي، عمار احمد خان لغاري، ڊاڪٽر شائسته خان، زينب بلوچ، سعد وسيم، شاهد عثمان شامل هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعاليٰ ??وه??ن کي عوام جي خدمت جو مو??عو فراهم ڪيو آهي، اميد آهي ته ??وه??ن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا، اسان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. هن چيو ته قابل شاگردن کي حڪومت پاران ليپ ٽاپس فراهم ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب جا فنڊز رکيا ويا آهن جيڪو تاريخي قدم آهي، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار جا ڀرپور مو??عا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي اسڪلز ڊيولپمينٽ جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومتي ادارن ۾ سڌارن ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جون ترجيحون آهن جنهن سان ملڪي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهبو. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي اخلاقي ۽ سفارتي جاري رکي آهي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب جا فنڊ رکيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں