اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ??المي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ان معاملي تي تمام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي، زهريلا گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر نقصانن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، حڪومت وڻڪاري، ڪلين گرين انرجي، موسمياتي تبديلي ??ابت آگاهي جي حوالي ??ان مختلف قدم کنيا آهن. ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي نمائندن ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ??ابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زهريلا گئس خارج ڪرڻ جو ذميوار نه آهي ۽ زهريلي گئسن جي عالمي سطح تي خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ان جي باوجود پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي ??و وڏو ڪِيتو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته بطور هڪ ذميوار ملڪ جي پاڪستان موسمياتي تبديلين جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وڻڪاري مهم، گرين انرجي، موسمياتي تبديلي ??ابت آگاهي جي حوالي ??ان حڪومت مختلف قدم کنيا آهن ۽ موسمياتي تبديلي ??ي مسئلي کي منهن ڏيڻ تي پورو ڌيان ڏنو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ سدائين موسمياتي تبديلي ??ي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي خصوصي ڌيان ڏنو آهي، انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪرايو ويو، ان جو مقصد اهو ئي هو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ??ي نقصانن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ سميت موسمياتي تبديلي ??ي ڪم ڪندڙ غيرملڪي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪ??ي رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو تمام ٿورو آهي پر نقصان سڀ کان وڌيڪ برداشت ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ??المي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي ۽ پاڪستان ان معاملي تي تمام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي. وفاقي وزير زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي ??ي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر شخص کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان عالمي حصيدارن جي تعاون جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش جا??ي رکنداسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان رومينه خورشيد عالم سٺي ڪوآرڊينيشن ڪئي آهي ۽ ان ڪوآرڊينيشن جي نتيجي ۾ نه رڳو هن ان مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي پر دنيا کي آگاهه ڪيو آهي ته موسمياتي تبديلي ??ي نقصانن کان پوري انسانيت متاثر ٿئي ٿي ۽ ترقي يافته ملڪن، غيرملڪي اين جي اوز ۽ عالمي ادارن جي تعاون سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي ته جيئن موسمياتي تبديلي ??ي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.
موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha