اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي، پاڪستان روس سان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اوورچڪ ۽ سندس وفد جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. روسي نائب وزيراعظم سان ڳالهائيندي وزيراعظم چ??و ته روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان روس سان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ روسي وزيراعظم مشسٽن جي استقبال جو منتظر آهي. وزيراعظم چ??و ته هن سال جو??اء?? جي شر??ع ۾ سندس صدر ولادمير پيوٽن سان انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻطرفي تعاون ۾ وڌيڪ توسيع تي ڳالهه ٻولهه جي ??اء?? اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا. روسي نائب وزيراعظم اوورچڪ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ روس جي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي تعميري ۽ گڏيل طور تي فائديمند قرار ڏنو. ٻنهي ڌريون باقاعده رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ روسي نائب وزيراعظم روس ۽ پاڪستان جي وچ م مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشتن تحت گ??يل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، آءِ ٽي، زراعت، سائنس ۽ ٽي??نالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي فروغ ملندو.
روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا