اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غزه ۾ جاري ??سل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل ??لسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان بيت ??اه??ه تي اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اسرائيل جو اتر غزه جو گهيراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال انساني ضمير تي ڌٻو آهي. هن چيو ته بنا وارننگ جي گنجان آباد رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ ??هر??ن کي خوراڪ، پاڻي ۽ ضروري دوائن کان محروم ڪري انهن کي گڏيل سزا ڏيڻ جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته اسرائيل ??بنان ۾ ??هر?? آبادي جي خلاف پنهنجي جارحيت جاري رکي آهي، گڏيل ??ومن جا امن دستا اسرائيلي جارحيت جو تازه ترين شڪار بڻجي ويا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ۾ گڏيل ??ومن جي يو اين آءِ ايف ايل جي امن دست?? تي اسرائيلي فوج جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرقانوني حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هو يو اين آءِ ايف ايل جي خلاف سمورا جارحاڻا قدم فوري طور تي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسطين ۽ لبنان جي عوام جي خلاف حملا بند ڪري. ترجمان چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوه?? تي پڻ جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام کي اسرائيلي جارحيت کان بچائڻ گهرجي.
غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ