اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه گُم ٿيل ??اڻ??ن جي معاملي کي ڏسڻ ۽ ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇ??ي آهي. اها ڳالهه ڊپٽي اٽارني جنرل جاويد اقبال گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ آڏو دليل ڏيندي ڪئي. هن عدالت آڏو گذارش ڪئي ته گُم ٿيل ??اڻ??ن جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آهي. حڪومت ان معاملي کي ڏسڻ ۽ سفارشون ڏيڻ لاءِ ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇ??ي آهي. حڪومت صاف نيتي سان ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ چاهي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس ۾ وفاق، گهرو وزارت ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ته هو ايندڙ هفتي ٻُڌڻيءَ تي پنهنجون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪن. جسٽس جمال خان مندوخيل ٻُڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏنا ته هي انتهائي اهم ڪيس آهي، هزارين ??اڻ??ن جي گُم ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخ?? ڪيا ويا آهن. بئريسٽر اعتزاز ۽ لطيف کوسه جهڙا سياستدان هتي عدالت ۾ موجود آهن. ان مسئلي کي پارليامينٽ ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته عدالت چيو ته اهڙيءَ طرح جي سنگين مسئلي کي بنا ڪارروائيءَ جي صرف لفظن ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي. جسٽس محمدعلي مظهر، اٽارني جنرل کان سوا?? ڪيو ته جبري گم??دگ?? تي جاچ ڪميشن گهڻن گُم ٿيل ??اڻ??ن کي بازياب ڪرايو آهي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي پُڇاڻو ڪيو ته جبري گم??دگ?? تي جاچ ڪميشن وٽ ڊيٽا موجود آهي، گم ٿيلن جي ذميوارن بابت ڊيٽا ڇا ٿي چوي؟ بازياب ٿيل ??اڻ??و پنهنجي اغوا ڪندڙن بابت ڇا چون ٿا؟ جسٽس جمال مندوخيل جبري گم??دگ?? جي ڪجهه اڳوڻن واقعن طرف اِشارو ڪندي چيو ته ڪجهه گُم ٿيل ??اڻ??ن بازياب ٿيڻ کانپوءِ چيو ته گم نه ٿيا آهن ۽ آرام ۽ تفريح لاءِ اُترين علائقن ۾ آهن. جسٽس مسرت هلالي اي ايس سي لطيف کوسه کي مخاطب ٿيندي سوا?? ڪيو ته توهان جي پارٽيءَ جا ??اڻ??و به گُم ٿي ويا، واپسيءَ تي اغوا ڪندڙن بابت انهن جو ڪهڙو بيان هو؟ لطيف کوسه عدالت کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن هو ڳالهائيندا ته سندن ٻار اغوا ٿي ويندا. جسٽس نعيم افغان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ عدالت 25 وڪيلن کي هدايت ڪئي هئي ته هو واپس آيل گم ٿيل ??اڻ??ن جي گهر وڃن، جڏهن ته ڪوبه عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جبري گم??دگ?? جي مسئلي جو حل اهو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ويهي ڪو رستو ڪڍن. عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي وفاق ۽ گهرو وزارت کي معاملي تي تازي رپورٽن لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
وفاقي ڪابينه گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ڏسڻ ۽ ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي: ڊپٽي اٽارني جنرل جا سپريم ڪورٽ ۾ دليل
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia