اسلام آباد-09 جن??ري (اي پي پي) مواصلات واري وفا??ي وزير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفا??ي وزير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفا??ي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي وسيلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفا??ي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي ا??ارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات واري وفا??ي وزير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند جي تار جي چ??ري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفا??ي وزير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي پوليس کي وڌ کان وڌ ذميواري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ت?? اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند جي تار چ??ري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي نشاندهي ڪريو. مواصلات واري وفا??ي وزير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بند جي تار چ??ري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند جي تار ٽٽي چڪي آهي يا چ??ري ٿي وئي آهي، اتي نئين حفاظتي بند وا??ي تار جو بندوبست ڪيو وڃي. وفا??ي وزير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند وا??ي تار چ??ري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفا??ي وزير مواصلات واري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ، سيڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ موٽر بائيڪ سروس شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب