مدينو شريف – 07 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو ??هي ته حج جي ادائگي کانپوءِ هن وقت تائين مد??ني شريف پهچندڙ حاجين جو انگ هڪ لک 42 هزار کان وڌي ويو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته حج کانپوءِ هن وقت تائين مد??ني شريف ايندڙ حاجين جو تعلق مختلف ملڪن سان ??هي جيڪي بسن ۽ حرمين ٽرين کان علاوه فضائي ذريعي پڻ مد??ني شريف پهچي ويا آهن. وزارت چيو ته الهجره شاهراه تي قائم حاجين جي آجيان ڪندڙ مرڪز تي ايندڙ حاجين جو انگ 17 هزار 258 رهيو جيڪي بسن ??ي ذريعي مڪي شريف کان هتي پهتا. حرمين ٽرين ذريعي 1797 حاجي مد??ني شريف آيا. حاجين جو مد??ني شريف آمد ۽ اتان پنهنجن ملڪن کي روانگي جو سلسلو جاري آهي. حاجين جي روانگي جي حوالي سان وزارت چيو ته هن وقت تائين مد??ني جي زيارت ڪرڻ کانپوءِ 36 هزار 963 حاجي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ٿي چڪا آهن. هن وقت هڪ لک 5 هزار 617 حاجي مد??ني شريف ۾ موجود آهن جن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي.
ڏيڍ لک حاجي مديني شريف پهچي چڪا آهن: سعودي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام