گڏيل قومون -01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان ??ير انساني سلوڪ اختيار ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي ان ??ي سخت صدمي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان گذريل سال آڪٽوبر بعد مر??ن، عورتن، ٻارڙن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ انساني حق?? جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ فلسطيني?? جي وڏي انگ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ انهن مان ??ڪثريت کي بنان ڪنهن الزام يا داخل ڪيس?? جي حراست ۾ رکيو ويو آهي. گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر (او ايڇ سي ايڇ آر) جي آ??يس جي رپورٽ مطابق فلسطيني قيدين سان ??دسلوڪي، تشدد ۽ غير انساني سلوڪ اختيار ڪندي کين انتهائي افسوسناڪ حالت ۾ رکيو ويو آهي. گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر پنهنجي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو آهي ته سندس آ??يس ۽ ٻين ادارن طرفان گڏ ڪيل شاهديون فلسطيني قيدين سان ??سرائيلي اه??ڪا???? جي خوفناڪ سلوڪ جن ۾ واٽر بورڊنگ ( پاڻي ۾ ٻوڙڻ) ۽ مٿن ڪتا بڇڻ جهڙين ٻين ڪاررواي?? جي نشاندهي ڪن ٿيون جيڪي انساني حقن ۽ عالمي قانون?? جي سڌي ڀڃڪڙي آهن. رپورٽ مطابق 07 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 53 فلسطيني قيدي اسرائيلي فوجي جيلن ۽ ٻين هنڌن تي مارجي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي حراست هيٺ قيدين ۾ فلسطيني پناهگيرن کي امداد پهچائيندڙ گڏيل قوم?? جي ايجنسي ( يو اين آر ڊبليو اي) جو عملو به شامل آهي. جن کي فلسطيني شهرين کي اسڪولن، اسپتالن، ۽ رهائشي عمارتن ۾ پناهه ڏيندي حراست ۾ ورتو ويو آهي. فلسطيني قيدين کي قيد دوران کاڌي ۽ پاڻي کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ کين ننڊ به نه ٿي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ بجلي جا ڪرنٽ به ڏنا وڃن ٿا. بدترين ڳالهه اها آهي ته ڪجهه قيدي عورتن ۽ مر??ن کي جنسي تشدد جو پڻ نشانو بڻايو وڃي ٿو.
اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان غير انساني سلوڪ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ جاري، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاران صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا