اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فاٽا ريفارمز رپورٽ جي منظوري کي وڌيڪ مشاورت جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، فاٽا ريفارمز ڪميٽي جي يو آءِ (ف) ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي سان فاٽا ريفارمز جي حوالي سان ٻيهر ملاقاتون ڪندي، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ڪابينا فاٽا ريفارمز ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته پهريون ڀيرو فاٽا ريفارمز جي حوالي سان ايتري تفصيلي رپورٽ جوڙي وئي آهي. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير م??يم اورنگزيب ۽ سرحدي ۽ رياستن معاملن وار?? وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ وزيراعظم آفيس جي آڊيٽوريم ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏين??ي ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ تي پي آءِ اي جهاز حادثي ۽ ڪراچي ۾ نجي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.
وفاقي ڪابينا پاران فاٽا ريفارمز جي منظوري ملتوي
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável