اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عورتون صنفي فرق کان مٿانهون ٿي واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺن ۽ مقابلي جي فضا ۾ ڪم ڪن ته جيئن انهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ شهلا جاويد ا??رم جي سربراهي ۾ وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري لاهور جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن ۾ وومين چيمبر جي صدر شازيه سليمان پڻ شامل هئي. صدر چيو ته عورتن کي ڪاروبار جي وڌ کان وڌ مالي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جون خدمتون حا??ل ڪيون وڃن ته جيئن عورتن کي ڪاروبار جا موقعا ملي سگهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان