جهلم – 10 آگسٽ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪروڙين ماڻهن 2013ع ۾ مون کي ووٽ ڏئي اسلام آباد موڪليو ۽ پنج ججن هڪ منٽ ۾ مون کي فارغ ڪري گهر موڪلي ڇڏيو. جهلم ۾ وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪري ??هيو هو. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جهلم ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته جهلم جي عوام جنهن والهاڻي انداز ۾ منهنجي آجيان ڪئي آهي ان جو ٿورو ادا ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن، هن چيو ته 2013ع ۾ هتان جي عوام وٽ آيو هئس ۽ مون عوام کي چيو هو ته ملڪ وڏي مشڪل ۾ آهي، ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آهي، معيشت تباهي طرف وڌي رهي هئي ۽ ملڪ انڌيرن ۾ ??ڏي چڪو هو ۽ پاڪستان جي معيشت تباهي جي ڪناري ??ي پهچي چڪي هئي، غريب جو ڪير به نه هو، آبادگارن جا ٽيوب ويل ۽ صنعتڪارن جا ڪارخانا ??ند ٿي چڪا هئا ڇو ته بجلي نه هئي، ان سان ڪاروبار ختم ۽ ملڪ بدحالي جو مثال پيش ڪري ??هيو هو ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي گئس جي لاءِ ق??ار??ن لڳل هونديون هيون.
عوام اسلام آباد موڪليو ۽ ججن مون کي فارغ ڪري گهر موڪلي ڇڏيو: نواز شريف
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha