اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا (فاٽا) کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي باري ۾ بل ڪنهن ٻاهرين دٻاءُ سبب نه پر سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ قومي اسيمبلي ??ان منظور ٿيو آهي، ڪي پي ڪي سان فاٽا جو انضمام پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي منشور جو حصو رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) نه ته پهرين ڪڏهن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ نه ئي آئنده ڪندي، هو وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب، سيفران وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، قانون وارو اڳوڻو وزير زاهد حامد ۽ فاٽا ??ان قومي اسيمبلي ميمبر شاهه جي گل آفريدي به ساڻس گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن