اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي قومي جذبي سان سرشار ٿ?? عوام جي زندگين ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هي قوم جي خدمت جو موقعو آهي، ذخيره اندوزي کي ڪنهن ب?? صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اڄ تحريڪ انصاف ج?? ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ سڄي پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرور?? جي شين ۽ خورا?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پارٽي جي متحرڪ ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئن ماڻهو احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪن.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل