اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ار?? رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي 7136 ار?? رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين مالي سال ۾ زراعت جي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت ايندڙ مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی