اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاناما، پيراڊائيز ۽ هاڻي پينڊورا پيپرز ان ڳالهه ??ي تصديق ڪ?? ٿا ته لُٽيل دولت جي مني لانڊرنگ لاءِ هزارين آف شور ڪمپنين کي استعمال ڪيو ويو ان ۾ جن 700 ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، انهن کان ضرور ان لاقانونيت جي دولت جي ذريعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته لُٽيل رقم واپس آندي وڃي پر ان ٽيڪس چور جي پناهگاهه ??و ڇا ڪجي؟ هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين اولهه ??ي ڇانو هيٺ ٽيڪس پناهگاهن ۾ لُٽيل دولت ل??ائ?? جي هڪ وڏي تاريخ آهي، هن چ??و ته اها دولت ستايل يهودين ۽ منهنجي ملڪ سميت ٻين ملڪن مان لُٽي وئي، کربين ڊالر جي ان پيچيده اسڪيم جو انداز ۽ طريقيڪار بلڪل ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لُٽ مار جهڙو آهي، صدر چ??و ته پاڪستان پنهنجي دولت ٻا??ر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ نظام بهتر ڪري رهيو آهي، فيٽف ان ۾ اسان جي مدد ڪئي، اسان جي دولت وصول ڪندڙ ملڪن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي غريبن جي استحصال سان پاڻ کي امير ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڪندر ۽ سامونڊي ڌاڙيل جي وچ ۾ مقالمي جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ علامه اقبال جي ويجهو ننڍا وڏا ڦُورو هڪجهڙآ آهن، صدر اهو مقالمو به ٽوئيٽ ڪيو.
پينڊورا پيپرز ۾ آيل 700 پاڪستانين کان جاچ ٿيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا