اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ ?? سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئ?? وڃي، پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪر??، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ راوي اربن ڊولپمينٽ ?? سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ?? سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا ملڪ جي لاءِ اهم آهن، حڪومت ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آه??، وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئ?? وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت تعميرات جا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، جنهن جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار انهن منصوبن کي ماحول دوست ٺاهيندو، وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري.
راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena