اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو مل?? آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسان جي حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس ??لي?? موجب وزير??عظ?? عمران خان ڪينٽربري جي آرچ بشپ سان ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزير??عظ?? پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو مل?? آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وزير??عظ?? آرچ بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت جي پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿي. آرچ بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي ضرور?? آهي. ان کان اڳ آرچ بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏينهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام ڏنو.
پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد