اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته اف??ان??تان جي عوام جي امداد ??اءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ مل??ن ۽ ادارن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر اف??ان??تان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو اف??ان??تان جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان اف??ان??تان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اف??ان??تان جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقياتي بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترقياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ مل??ن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اف??ان??تان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت اف??ان??تان جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي تر??يح ڏني ويندي. اهڙي طرح اف??ان??تان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته اف??ان??تان جي عوام جي امداد ??اءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقياتي بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي اف??ان??تان جي عوام جي امداد ??اءِ پرعزم آهي. هن اف??ان??تان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو: اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا