ا??لا?? آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ??لا??ت?? ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪرڻ ۽ مرڪزي سطح تي وزيراعظم جي قيادت ۾ ايپڪس ڪميٽي جوڙڻ، سي پيڪ جي منصوبن جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، ملڪ جي جاگرافيائي ??لا??تي جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري جي لاءِ قوم ۽ ادارا هڪ آواز آهن، ??لڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي ??لا??تي ۽ دفاع جي لاءِ ڏني ويندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي ??لا??ت?? ڪميٽي (اين ايس سي) جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن کانسواءِ سروسز چيفس، حساس ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل عملدارن امن امان جي صورتحال تي بريفنگز ڏنيون. اجلاس ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي ??لا??تي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان عظيم مقصد جي لاءِ شهيد ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس ش??يدن جي گهرڀاتين کي ??لا?? پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته شهيدن ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جرئت ۽ بهادري ۽ شجاعت جا عظيم داستان لکيا آهن. ان عزم کي ورجايو ويو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون. قومي ??لا??ت?? ڪميٽي قرار ڏنو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري جي لاءِ قوم ۽ رياستي ادارا هڪ آواز آهن، ??وري قوم انهن مقصدن تي نه رڳو واضح ذهن سان گڏ متحد ۽ هڪ آهي پر هر قيمت تي انهن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. قومي ??لا??ت?? ڪميٽي سوات سميت ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ جي واقعن جو جائزو ورتو ۽ متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحومن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. قومي ??لا??تي واضح ڪيو ته پاڪستان جي هر شهري جو رت انتهائي قيمتي آهي ۽ ان کي وهائڻ ۾ ملوث هر شخص سان قانو پوري سختي سان منهن ڏيندو، اسان جي شهرين دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۾ پنهنجي بهادر فوج سان گڏجي بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. قومي ??لا??ت?? ڪميٽي مرڪزي سطح تي ايپڪس ڪميٽي جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪندو. دهشتگردي جي خاتمي جي اداري (نيڪٽا) کي فعال بڻايو ويندو جيڪو صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن (سي ٽي ڊي) جي سهڪاري عمل سان ڪم ڪندو. قومي ??لا??ت?? ڪميٽي اهو به فيصلو ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪيو وڃي. ان جو نئين سر جائزو وٺندي قدمن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن نظام کي وڌيڪ موثر رخن تي قائم ڪري سگهجي. هي نظام نگراني جا فرض به سرانجام ڏيندو ته جيئن مسلسل بهتري جو عمل جاري رهي. قومي ??لا??ت?? ڪميٽي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي منصوبن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدمن جي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ نيڪٽا سهڪاري عمل جي ذميواري سرانجام ڏيندو جڏهن ته صوبن جي ذريعي عملدرآمد ڪرايو ويندو. قومي ??لا??ت?? ڪميٽي اهو به فيصلو ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي، جتي اپ گريڊيشن گهربل آهي، ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪرڻ ۽ مرڪزي سطح تي وزيراعظم جي قيادت ۾ ايپڪس ڪميٽي جوڙڻ، سي پيڪ جي منصوبن جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ