اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بنائڻ ۽ گهربل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيوروڪريسي ۾ تيز رفتار فيصلاسازي جي جذبي کي اڀارڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بيوروڪريسي پاران سست فيصلاسازي جي نتيجي ۾ ناقص گورننس سان گڏوگڏ ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ا??وان صدر ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اي?? ا??س پي پي) جي بور?? آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري اويس منظور، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري عصمت طاهره، ريڪٽر اي?? ا??س پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ۽ اي?? ا??س پي پي جي بور?? آف گورنرز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري نديم محبوب شرڪت ڪئي. بور?? آف گورنرز جي ميمبرن جاويد صادق ملڪ، منير ڪمال، زيد بن مقصود، محمد حنيف چنا ۽ ڊاڪٽر حفيظ احمد جمالي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ه?? ا???? ا??س پي پي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۾ تيز فيصلاسازي جو جذبو پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ فيصلاسازي جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ بهترين عالمي تربيتي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بور?? آف گورنرز اي?? ا??س پي پي کي نوجوان پروفيشنلز کي بطور انٽرنيز ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. صدر مشورو ڏنو ته نوجوان پروفيشنلز جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ موزون ۽ موثر انٽرنيز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ملڪ جي سمورن نيشنل انسٽيٽيوٽس آف مئنيجمينٽ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽرز کي بي پي ايس – 11 مان بي پي ايس – 16 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪمپيوٽر آپريٽرز جي عهدي جو نالو آءِ ٽ?? آفيسرز ۾ تبديل ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. بورڊ 14 فيبروري 2023ع جي فنانس ڊويزن ج?? آفيس ميمورنڊم موجب بي پي ايس – 1 کان بي پي ايس – 16 ۾ ملازمن جي لاءِ خصوصي رعايت ڏيڻ جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني.
بيوروڪريسي پاران سست فيصلاسازي جي نتيجي ۾ ناقص گورننس سان گڏوگڏ ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria