اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري ??ي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پا??ست??ن – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پا??ست??ني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ??الهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پا??ست??ن ۾ آمريڪي امداد جي ??نص??بن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پا??ست??ن جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن ??نص??بن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ آمريڪا پاران هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن