اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ جاري ظلمن تي گ??ر?? ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪ??مي??ي ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عرفان معراج کي گرفتار ڪيو، پاڪستان کي عرفان معراج ۽ خرم پرويز سميت درجنين ڪ??مي??ي صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن جي حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۽ ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria