اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع پاڪستان جي سي??سي تاريخ جو نه وسارڻ جهڙو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي پارلياماني، وفاقي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين سان نوازيو ويو، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحا??ي جمهو??ي، وفاقي، اسلامي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين جي حقيقي روح جي لاڳو سان جڙيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سي??سي پختگي ۽ دانشمندي کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن جي سي??سي دانش ان قوم کي 1973ع جي متفقه آئين سان نوازيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين جي گولڊن جوب??ي جي موقعي تي آئيني يادگار جو پيڙهه جو پٿر، شهيدن جي يادگار تي حاضري ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اتفاق راءِ تي ٻڌل 1973ع جي آئين جي منظوري پاڪستان جي سي??سي تاريخ جو همشه لاءِ ياد رکڻ جهڙو لمحو آهي. هن چيو ته آئين ۾ بيان ڪيل اصول اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني پاڪستان جي عڪ??سي ڪن ٿا ۽ هي اهي ئي اصول هئا جن جو خاڪو قائداعظم محمد ع??ي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسي??بل?? کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڪيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته هي سندس سي??سي پختگي ۽ دانشمندي هئي جنهن قوم کي اهو مقدس دستاويز عطا ڪيو. هن چيو ته آئين قومي اتحاد ۽ سي??سي اتفاق راءِ جو منفرد نمونو آهي جنهن تي عمل ڪري ئي ملڪ کي سي??سي ، معاشي ۽ سماجي چئلينجز مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن آئين جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته 10 اپريل کي 14 آگسٽ وانگر قومي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي آئيني يادگار جي تعمير هڪ انتهائي اهم ۽ مثبت قدم آهي. هن آئين جي يادگار جي تعمير لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهراهه دستور تي ڊي چوڪ تي تعمير ٿيندڙ يادگار سان گڏ ”باغ دستور“ پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان باغ جي تعمير سان نه رڳو شهرين کي هڪ خوبصورت تفريحي مقام ميسر ايندو پر اسلام آباد جي رهواسين لاءِ يادگار دستور جي سير جو جواز به فراهم ٿيندو. هن چيو ته آئين جي يادگار جي تعمير سان نوجوان نسل ۾ شعور اجاگر ٿيندو. هن چيو ته هي يادگار شاندار تاريخ ۽ انهن سي??سي اڪابرن جي عڪ??سي ڪندي جن جي محنت ۽ سي??سي بصيرت پاڪستان کي آئين سان نوازيو هن چيو ته هي واحد دستاويز آهي جيڪا وفاقيت، بامعنيٰ جمهوريت، اسلامي تشخص، انفرادي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي عڪ??سي ڪري ٿي. ان کانپوءِ قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ گمنام هيروز جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ يادگاري ٽپال ٽڪيٽ، آئين ساز جي هر لمحي جي عڪ??سي ڪندڙ تصويري نمائش، آئين جي اصل رسم الخط جي نمائش ۽ گولڊن جوب??ي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڪتابن جي نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي خطاب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ