اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي ق??م کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي ق??امت تائين جاري رهندي، قرباني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آ??ي ته اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربانين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ ??يو?? اسان سڀني کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺتي رهجي ويا هجن، عيد جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خوشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو آ??ي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جانين تائين قربان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آ??يان ته هو اسان کي عيدالاضحيٰ جون حقيقي خوشيون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قرباني کي شرف قبوليت بخشي ۽ اسان کي ان عظيم عبادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال آهي: وقتي صدر صادق سنجراڻي
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II