اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملي جي جيتري مذمت ڪئي ??ڃي اها گهٽ آهي، سياسي پارٽين تي حملي مان ??اضح آهي ته دشمن پاڪستان ۾ جمهوري نظام خلاف آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اسان جا محافظ دشمن جي اهڙين بزدلاڻي هٿڪنڊن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مون سميت پوري قوم واقعي ۾ شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ??يلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ نه صرف مان ان سان تعزيت ڪئي پر واقعي جي تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي، ??ان ??ڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي تي رپورٽ سان گڏوگڏ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
جميعت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل ڌماڪي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ