ڪوئٽا -12 آگسٽ (اي پي پي) نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انو??ر ال??ق ڪاڪڙ جو تعلق ??لو??ستان جي ضلع قلعه سيف الله جي علائقي ڪان مهترزئي ۽ پشتونن جي نالي واري قبيلي ڪاڪڙ سان آهي، هو ڪيڊٽ ڪاليج ڪ??هاٽ مان انٽرميڊيٽ ۽ ??لو??ستان يونيورسٽي ڪوئٽا مان سوشلاجي ۾ گريجوئيشن ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. سينيٽر انو??ر ال??ق ڪاڪڙ 2008ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا سٽي مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هو (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 2017ع ۾ نواب ثناء الله زهري جي دور م ??لو??ستان حڪومت جو ترجمان مقرر ٿيو. انو??ر ال??ق ڪاڪڙ مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان آزاد حيثيت ۾ 6 سالن لاءِ سينيٽر چونڊيو جڏهن ته ساڳئي مهيني هو مسلم ليگ (ن) کان منحرف ٿيندڙ ان گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن ??لو??ستان عوامي پارٽي جي بنياد رکي. انو??ر ال??ق ڪاڪڙ بي اي پي جو مرڪزي ترجمان به رهيو. سينيٽر انو??ر ال??ق ڪاڪڙ افغانستان ۽ خطي جي حالتن تي گهري نظر رکي ٿو. هو سينيٽر طور آمريڪا، برطانيه، روس، آسٽريليا سميت يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. انو??ر ال??ق ڪاڪڙ سينيٽ جي بچاءَ، پرڏيهي معاملن ۽ پارلياماني معاملن بابت فعال ميمبر سان گڏوگڏ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ هيومن ريسورسز جو چيئرمين رهيو. انو??ر ال??ق ڪاڪڙ کي مادري زبان پشتو کان علاوه انگريزي، فارسي، ??لو??ستان ۽ براهوي تي عبور حاصل آهي. انو??ر ال??ق ڪاڪڙ ??لو??ستان جي درپيش مسئلن تي گهري بصيرت رکي ٿو. سندس دانشوراني سوچ ۽ بصيرت سبب ملڪي اعليٰ يونيورسٽين ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جن ۾ هارورڊ ۽ برسلز جهڙا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ تجزين ۽ تجويزن جي باري ۾ بار بار گهرايو ويندو رهيو. نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انو??ر ال??ق ڪاڪڙ جي سفارتي ڪوششن سبب عالمي ميدان ۾ رياست جي مثبت ۽ معاون نقطئه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پرڏيهه ۾ رياست مخالف ڌرين طرفان ڪيل ناڪاري ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي ۽ ان جي هنرمنداڻي خطاب جي نتيجي ۾ عالمي برادري ۽ ??لو??ستان حڪومت جي حق ۾ پاليسين ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون. سينيٽر انو??ر ال??ق ڪاڪڙ مضبوط ??لو??ستان لاءِ هڪ مثبت ويزن رکي ٿو. سينيٽر انو??ر ال??ق ڪاڪڙ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو اڳوڻو شاگرد پڻ رهي چڪو آهي.
نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي سياسي سفر جي باري ۾ رپورٽ
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش