اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي ف??ج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (اي?? ا?? سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي امن امان ک?? برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي ق??م جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت ج?? واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي ف??بروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارتي ف??ج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني ق??نونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ڏنو ويو ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.
ڀارتي ناظم الامور پرڏيهي وزارت طلب، نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيل واقعي تي پاڪستان جو سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن