اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ?? ترقياتي منصوبن ??ابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران وزيراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي برقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات جي حو??لي سان وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي مع??شت جي ترقي جي حو??لي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي صوبي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن ??ابت بريفگن پڻ ڏني.
موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ