اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف ع??ائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهت?? بڻائڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي ڇو ته ملڪ ۾زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي اهي ته جيئن فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ چار اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ون ??نڊ?? پليٽ فارم طور ڪم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جا مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ مختلف ع??ائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. صدر ٻنهي م??ڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفا اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ??رجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي م??ڪن جي فوجي قيادت جي اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آيا ۽ ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي به ايندي. صدر چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ م شروع کان ئي مختلف شعبن ۾ ويجها لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ڀائر م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهت?? بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سعودي عرب جو ??يزن 2030ع پاڙيسري م??ڪن سان گڏوگڏ اسلامي دنيا ۾ پڻ خوشحالي آڻيندو.
پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن