اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پي??) کي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سي پي?? منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن، سي پي?? روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ڪامياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان جلد سٺيون خبرون اينديون، نگران حڪومت پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمت?? ۾ ??ڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪري. بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پي?? آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پي??) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پي?? جي ڪري ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته فن ۽ ثقافت جو انساني زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو ??يو ??ڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو ??يو آهي، اميد آهي ته نئين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي حڪومت سلي پي?? منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون جاري رکيون آهن. هن بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن سال اسان سي پي?? جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، مون کي يقين آهي ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون نئين بلندين تائين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ۾ ??ئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان سٺيون خبرون اينديون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته موجوده نگران حڪومت جو وچن آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته اڄ ڪافي ماڻهن جي چهرن تي رونق آهي، نگران حڪومت پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمت?? ۾ ??ڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، حڪومت پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. پاڪستان اڳتي وڌندو ته سي پي?? جا فائدا به بهتر طريقي سان ملندا.
سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل آهي، منصوبو B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ