اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص ??ور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف کي ا??اگ?? ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص ??ور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل ??ور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سف??رن سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا سف??ر موجود هئا. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير، نگران وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پ?? موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي مسلمان دن??ا خاص ??ور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. نگران وزيراعظم ڪيترن ئي معاملن خاص ??ور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دن??ا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص ??ور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل ??ور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سف??رن کي ساراهيو. سف??رن نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دن??ا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
نگران وزيراعظم جي وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن