اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ دلچسپي جي اظهار جي دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحون ڪ??ون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف جي وفد پاڪستا?? ۾ ??ونيسيف جي نمائندي عبدالله اي فاضل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود پڻ شريڪ هو. وفد وزيراعظم کي پي ايم يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي و?? ۾ ??اڪستا?? ۾ ??وجوانن جي صلا??يت ۽ سگهه ۾ اضافي جي حوالي سان حصيداري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يونيسيف جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ گڏيل ق??من جي جنريش?? ان لميٽيڊ (جين يو) پروگرام جي حوالي سان دلچسپي جي اظهار جي دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. دستاويز تي پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ۽ يونيسيف جي پاڪستا?? ۾ ??مائندي عبدالله اي فاضل وزيراعظم جي موجودگي ۾ صحيحون ڪ??ون. جنريش?? ان لميٽيڊ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل پاران 2018ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد نوجوانن کي تعليم، فني تربيت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي باصلا??يت بڻائڻ ۽ شروعاتي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪ?? ڪرڻ آهي. جين يو پاڪستا?? ۾ ??نهنجا مڪمل آپريشنز شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جنه?? ۾ ??وجوانن بابت منصوبن ۾ 20 ملين جي شروعاتي سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. ان دستاويز تي صحيحن سان نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جين يو ۽ پي ايم يوٿ پروگرام ان حوالي سان آپريشنل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪندا.
وزيراعظم سان يونيسيف جي وفد جي ملاقات، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔