اسلام آباد-29 جون (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري طور پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو عمل شرو ڪرڻ ۽ ان عمل دوران م??ازمن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ڊليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو و??ند??، سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جو خدمتون ورتيون و??ند??ون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي متبادل حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، احد چيمه، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آ??يسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان م??جب وزيراعظم کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان لائحه عمل ۽ ان جي متبادل جي حوالي سان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فوري طور پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ختم ڪرڻ واري عمل دوران م??ازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو و??ند??. سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون و??ند??ون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي انتظامن لاءِ هڪ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جوڙي و??ند??، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي رڪارڊ کي مڪمل طور تي ڊجٽلائيز ڪيو وڃي، پاڪستان جون معاشي حالتون م??ڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن ان حوالي سان جاري عمل جي نگراني ۾ مان پاڻ ڪندس. اجلاس کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ، جاري منصوبن تي عملدرآمد، پي ڊبليو ڊي جي متبادل ۽ تعمير ۽ مرمت لاءِ نجي ڪمپنين جي خدمتن جي حاصلات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو و??ند??. جڏهن ته پي ڊبليو ڊي کي ڪنهن به قسم جون نئون م??صوبو نه ڏنو وڃي. تعمير ۽ مرمت جو ڪم عالمي معيار جي نجي ڪمپنين کي آئوٽ سورس ڪيو و??ند??. اجلاس ۾ پي ڊبليو ڊي جي ملازمن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ان حوالي سان م??ازمن جي مفادن جو تحفظ ڪندي هڪ قابل عمل ۽ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جلد هن عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل جي پاڻ نگراني ڪندو.
وزيراعظم پاران پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : راکی