اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري ع??ام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب 5 آگسٽ 2019ع تي ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀار?? جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان ??ي ع??ام ۽ حڪومت سومر ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهايو. بيان موجب ان موقعي تي صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خصوصي پيغامن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان ??ي ڀرپور سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا ته انهن کي 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن کان ??گاهه ڪري سگهجي. هن پنهنجي خطن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي ع??ام کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 2 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشن کي ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان ??گاهه ڪيو. هن عالمي قانون، امن ۽ سلامتي جي ڏس ۽ انساني حقن جي صورتحال جو تجزيو ڪيو. بيان موجب ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ع??ام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سومر ڏينهن جي اسلام آباد ۾ ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو کان پارليامينٽ بلڊنگ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ان موقعي تي خاص مهمان هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن. پاڪستاني ۽ ڪشميري ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي فعال شرڪت سان ??ڄي دنيا ۾ پاڪستان ??ا سفارتي مشن به ڪشميري ع??ام جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪري رهيا آهن.
پاڪستان پاران ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری