اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيارڻي آهي ته ان شعبي ۾ بهترين پگهارن جو نظام اختيار ڪرڻ وا??و نظام اختيار ڪرڻو پوندو، اعليٰ تعليم يافته، ماهر ۽ هنرمند استادن کي سندن صلاحيتن موجب پگهارون فراهم ڪرڻ ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي، ملڪ جي تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ تعليمي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظاهر هن ڪالهه اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پي ??سڪيل جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ بڻايل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پي ??سڪيل جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ بڻايل ٽاسڪ فورس جي ڪارڪردگي ۽ سفارشن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي اعليٰ عملدارن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي فنانس ڊپارٽمينٽس جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٽاسڪ فورس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته هي ٽاسڪ فورس 16 مهينن کان پي ڊي ايم حڪومت دوران جوڙي وئي هئي ته جيئن اعليٰ تعليمي ادارن جي موجوده پي ??سڪيل کي بحال ڪري سگهجي ۽ ان کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق آندو وڃي. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جهڙن جديد علمن ۾ 21 گريڊ جي پي ??سڪيل ۾ به بهترين استاد دستياب نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته اسان جي تعليمي بانڊ تحت پرڏيهي ملڪن مان ڊاڪٽريٽ ڪرڻ وارا اڪثر نجي شعبن ۾ ملازمت کي ترجيح ڏين ٿا يا پوءِ وچ اوڀر ۾ بهتر موقعن جي تلاش ۾ نڪري وڃن ٿا. هن زور ڀريو ته پي ??يڇ ڊيز جي انگ ۾ واڌ جو مقصد محض ڊگري يافته ماڻهن جي تياري ناهي پر پاڪستان لاءِ باصلاحيت ??اڻهن جي تياري ۽ ان جي خدمتن کي ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻڻ آهي. هن وڌيڪ ??يو ته گهٽ پگهارون اسان جي باصلاحيت ??وجوانن کي پرڏيهه وڃڻ جو سبب بڻجن ٿيون، جنهن سبب ملڪ اعليٰ معيار جي ماڻهن کان محروم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته اسان انهن تعليم يافته ۽ هنرمند نوجوانن کي پاڪستان ۾ ئي بهترين موقعا فراهم ڪريون. احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻي آهي ته تعليمي شعبي ۾ بهترين پگهارن جو نظام اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن تعليمي ادارا عالمي معيار جي ماهرن ۽ پي ??يڇ ڊيز کي پنهنجي طرف ر??غب ڪري سگهجي، هن وقت دنيا جي ناليوارن تعليمي ادارن مان پي ??يڇ ڊيز ڪندڙ پاڪستاني ماهرن کي پنهنجي يونيورسٽين ۾ شامل ڪرڻ ملڪي مستقبل لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم يافته ماهر ۽ هنرمند استادن کي سندن صلاحيتن مطابق پگهارون فراهم ڪرڻ ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ملڪ جي تعميري معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليمي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ته جيئن بهترين ماهر ۽ استاد پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير اجلاس جي آخر ۾ هدايت ڏني ته سمورا صوبا ايڇ اي سي ۽ فنانس ڊپارٽمينٽس سان گڏجي پي ??سڪيل جي بحاليءَ جي حوالي سان سفارشون جوڙين، ان کان پوءِ سمورين سفارشن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح باقاعده هڪ لائحه عمل بڻائي اختيار ڪيو ويندو، ان حوالي سان وفاقي وزير سمورن صوبن کي پنهنجو پنهنجو هڪ نمائندو مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن کي سندن صلاحيتن موجب پگهار فراهم ڪرڻو پوندو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں