اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو و??ي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپ??ڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو و??ي. اسپ??ڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپ??ڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پارليامينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پارليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپ??ڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو و??ي ۽ گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو و??ي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپ??ڪر سان ملاقات ڪندڙ?? ۾ ??عظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران آءِ جي اسلام آباد کي گرفتار قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر