اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير مح??ن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير مح??ن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي. هن چيو ته فتنه الخوار?? جا دهشتگرد ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان خوارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada