اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ فلسطين تي پاڪستان جي مستقل موقف جي توثيق ڪندي اسرائيل جي غيرقانوني قبضي ??ي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن عالمي ??را??ري تي زور ڏنو ته هو خميس ڏينهن گڏيل قومن جي انساني ??قن واري ڪائونسل (يو اين ايڇ سي آر) ۾ بحث دوران فلسطينين جي ??قن کي برقرار رکي. والاريل فلسطين ۾ انساني ??قن جي صورتحال تي يو اين ايڇ سي آر جي مباحثي کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ عالمي قانون کي برقرار رکڻ جي فوري ۽ لازمي ضرورت تي پاڪستان جو مستقل موقف پيش ڪيو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن علائقائي امن، سلامتي ۽ ان جي ساک کي شديد خطرو هجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا انساني حق خودمختياري مان نڪرن ٿا جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي انساني ??قن جي قانون ۾ لکيل آهن. هن چيو ته اسرائيل جو غيرقانوني قبضو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ نسل ڪشيءَ ۽ نسل پرستي کي روڪڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احساس هجڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاران فلسطين تي پاڪستان جي مستقل موقف جي توثيق، اسرائيل جو غيرقانوني قبضو فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر