اسلام آباد-02 نومبر(اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آزاد صحافت تمام گهڻي ضروري آهي،پاڪستان جو آئين اظهار جي آزادي ۽ صحافت ۽ معلومات تائين رسائي جو حق ڏئي ٿو.ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ سيد يوسف رضا گيلاني صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن جي حوالي سان چيو آهي ته صحافين جي تحفظ کان سواءِ صحافت جي آزادي ممڪن نه آهي. صحافي ڏکيائين باوجود رپورٽنگ ڪن ٿا جڏهن ته جنگ ۽ ٻين خطرناڪ حالتن ۾ پڻ صحافي پنهنجين پيشيور ذميوارين دوران ڏکين حالتن کي منهن ??ين ٿا.سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته صحافين کي سنسر شپ ،تشدد، ڌمڪين ،اغوا ۽ قتل جهڙا خطرا درپيش ايندا آهن.هن ??يو ته غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ صحافي قتل ٿيا ،گڏيل قومن موجب غزه ۾ هن وقت تائين 130 کان وڌيڪ صحافي مارجي چڪا آهن، هن ??يو ته پاڪستان صحافت جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي تي ي??ين رکي ٿو.سيد يوسيف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آزاد صحافت تمام گهڻي ضروري آهي،ملڪ جو آئين اظهار جي آزادي ۽ صحافت ۽ معلومات تائين رسائي جو حق ڏئي ٿو . هن ??يو ته پاڪستان صحافين جي تحفظ لاءِ صحافين ۽ ميڊيا ورڪر?? جي تحفظ ۽ ايڪٽ 2021 پاس ڪيو ملڪ ۾ صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس متعارف ڪرائي جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وقتي صدر وڌيڪ چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ مربوط حڪمت عملي ۽ جامع نظام تي عمل درآمد ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي.
جمهوريت جي استحڪام ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آزاد صحافت تمام گهڻي ضروري آهي: وقتي صدر يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil