اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوا?? راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يو ته محمد آصف ٽيون ڀيرو عا??مي چيمپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح تي مبارڪباد جا مستحق آهن. عا??مي چيمپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏينه?? رات محنت ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوا?? راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عا??مي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عا??مي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزيراعظم پاران محمد آصف کي دوحه ۾ آءِ بي ايس ايف چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ