اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ا??سا??ي اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ک?? پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائ?? جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم جي صدارت ۾ ا??سا??ي اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. ??زي??اعظم چيو ته ا??سا??ي اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن ا??سا??ي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ک?? پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائ?? جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿي?? جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن ا??سا??ي اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ ا??سا??ي اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪر?? جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ ا??سا??ي اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو ٻيڙي حادثي جي حوالي سان يوناني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي سان معلومات ۽ مدد جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني سان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو ا??سا??ي اسمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، ا??سا??ي اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي ??زي?? احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ، ??زي??اعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں