ڪراچي-10 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آ??ي ته حڪومت ملڪ جي معيشت کي اهڙا بنياد فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان ايندڙ 5 سالن دوران پاڪستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻجي ويندو. 2018ع ۾ هڪ سازش تحت ملڪي معيشت جي ان سفر کي روڪيو ويو هو. موجوده حڪومت جي ڪوشش سان م??انگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي آهي ۽ـ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو آ??ي. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حاجي مظفر شجره جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان م??قعي تي مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه ۽ صوبائي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ اڄ مقابلو سائنس، ٽيڪنالاجي، پيداوايت ۽ وڌ کان وڌ مارڪيٽ شيئرز حاصل ڪرڻ جو آ??ي، جڏهن ته گارگند ڪرڻ هڪٻئي سان وڙهندڙ قومون تمام پوئتي ??هجي وينديون. وفاقي وزير چيو ته اسان وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، وزيراعظم محمد شهباز شريف اُڏام پاڪستان پروگرام جو اعلان ڪيو آ??ي جيڪو پاڪستان کي پائيدار ترقي ڏيارڻ جو منصوبو آ??ي جنهن تحت پاڪستان جي هر علائقي جي ترقيءَ لاءِ منصوبا شروع ڪنداسين ۽ جيڪي ش??با پاڪستاني حڪومتن وٽ آهن انهن ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پاڪستان جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪنداسين. احسن اقبال چيو ته اڄ دنيا ۾ هڪٻئي جي معيشت جو مقابلو آ??ي ته ڪهڙي ملڪ جي معيشت مضبوط آهي پر جنهن م??ڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ان م??ڪ ۾ سيڙپڪار ڪيئن ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 1991ع ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو تاريخي معاهدو ڪيو هو جنهن تحت سڀني صوبن کي پاڻي طئي ٿيل حصي تحت ملي رهيو آ??ي.
معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻجي ويندو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔