نيويارڪ – 23 مئي (اي پي پي) سوڊان ۾ گڏيل قومن جي خاص ايلچي و??لڪر پرٿيس خبردار ڪيو آهي، ته جيڪڏهن جهيڙيندڙ ڌرين سومر ??ان شروع ٿيندڙ جنگبندي جو احترام ۽ ان ۾ توسيع نه ڪئي ته اها ويڙهه نسلي بنيادن تي ٻڌل تڪرار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. سعودي خابرو اداري مطابق ايلچي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته جنگ سٽيل ملڪ ۾ تڪرار نسل پرستي ج?? رخ اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ ان ۾ ڊيگهه ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن جا خطي تي ناڪاري اثر پوندا. هن چيو ته جٽادار جنگبندي بعد گڏيل قومن جي ٻي ترجيح تڪرار جي وڌڻ يا نسل ڪشي کي روڪڻ آهي. هن سوڊان جي جهيڙيندڙ ڌرين تي زور ڀريو ته اهي جنگبندي معاهدي جو احترام ڪن جنهن ت?? هنن ٻه ڏينهن اڳ ص??يح??ون ڪيون هيون، کين ويڙهه بند ڪرڻ، انساني امداد تائين رسائي جي اجازت ڏيڻ ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اثاثن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ